تازه ترين

ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته 10 جنوري تي سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي   مدي ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي نموني نشانو  بڻايو، جنهن سبب دهشتگردن جي سربراهه شفيع الله شفيع سميت پنجن دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن وتان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي موجودگيءَ جي خدشي سبب علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن پڻ ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
32.2 ° C
32.2 °
32.2 °
29 %
5.7kmh
15 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون