تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف آبادگارن کان ڪڻڪ خريداري واري معاملي ۾ غفلت ڪرڻ تي پاسڪو جي ايم ڊي ۽ جي ايم پروڪيورمينٽ کي معطل ڪري

وزيراعظم شهباز شريف آبادگارن کان ڪڻڪ خريداري واري معاملي ۾ غفلت ڪرڻ تي پاسڪو جي ايم ڊي ۽ جي ايم پروڪيورمينٽ کي معطل ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪڻڪ جي گهرج ۽ خريداري بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، احمد خان چيما، ڄام ڪمال ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ خريداري جي عمل ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت هدايتن تي عمل نه ڪرڻ ۽ غفلت ڪرڻ تي پاسڪو جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ پروڪيورمينٽ جي جنرل مينيجر کي معطل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪڻڪ جي خريداري جي عمل لاءِ موبائل ايپليڪيشن تيار ڇو نه ڪرائي وئي آهي؟، ڪڻڪ جي خريداري جو عمل شفاف بڻائڻ بابت موبائل ايپ تيار ڪرڻ ۽ پاسڪو اسٽاڪ جي ٿرڊ پارٽي کان آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

سندس چوڻ هو ته  آبادگارن جي معاشي تحفظ لاءِ جنس جي انشورنس يقيني بڻائي وڃي، پاسڪو 4 لک ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ جي شفاف ۽ هاڪاري طريقي سان خريداري ڪري.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آبادگارن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا، حڪومت ملڪ ۾ خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، هارين جو نقصان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
51 %
0.1kmh
1 %
آچر
24 °
سُومر
30 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون