تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وزيراعظم شهباز شريف ازبڪستان جي دوري دوران ڪانگريس سينٽر تاشقند پهتو، شاندار آجيان

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ تاشقند ۾ ڪانگريس سينٽر پهتو، جتي سندس ازبڪ صدر شوڪت مرزيا يوف وزيراعظم شهباز شريف جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. تاشقند ۾ ڪانگريس سينٽر پهچڻ تي ازبڪ صدر پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن کي وزيراعظم سان تعارف ڪرايو، جنهن بعد وزيراعظم شهباز شريف پڻ پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. ان کان اڳ گذريل رات وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري باڪو کان تاشقند ازبڪستان پهتو، جتي سندس اعليٰ سفارتي ۽ سرڪاري عملدارن استقبال ڪيو، جن ۾ ازبڪ وزيراعظم عبدالله عاريپوف، ازبڪ پرڏيهي وزير بختيار سيدوف، تاشقند جي ميئر شوڪت عمر زاڪوف، پاڪستان ۾ ازبڪ سفير علي شير تختائيف ۽ ازبڪستان ۾ پاڪستاني سفير احمد فاروق شامل هئا. وزيراعظم اڄ تاشقند ۾ آزادي جي يادگار جو دورو ڪندو، جتي شهباز شريف ازبڪستان جي عظيم تاريخي شخصيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ ازبڪستان جي تعمير، ترقي، بهادر ۽ محنتي ازبڪ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندو. وزيراعظم کي يادگار تي ٺهيل ازبڪستان جي تاريخ جي 3 هزار سال پراڻي نقاشي جو دورو ڪرايو ويندو ۽ ان موقعي تي بريفنگ پڻ ڏني ويندي. وزيراعظم ازبڪ صدر شوکت مرزيا يوف سان ٻطرفي ملاقات پڻ ڪندو جنهن ۾ علائقائي رابطن، واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، سيڪيورٽي، علائقائي استحڪام ۽ تعليم جي شعبن ۾ ازبڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي بحث ڪيو ويندو. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پڻ بحث ڪندا، ملاقات کانپوءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٻطرفي سهڪار بابت مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري برادري جي وچ ۾ سهڪار کي وڌائڻ لاءِ تاشقند ۾ هڪ پاڪستان-ازبڪستان بزنس فورم پڻ منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ وزيراعظم شرڪت ڪري تقرير ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف ازبڪستان جي تعميراتي صنعت جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ تاشقند ۾ ٽيڪنو پارڪ جو دورو پڻ ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
12 %
2.6kmh
97 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون