وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو، 4 نوان وزير شامل ڪرڻ جو امڪان

- Advertisement -
وفاقي ڪابينا ۾ ٻن ڏينهن اندر واڌ جو امڪان آهي، نوان وزير 27 يا 28 فيبروري تي قسم کڻندا. وزيراعظم شهبازشريف جي سربراهيءَ ۾ وفاقي ڪابينا ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ واڌ جو امڪان آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ن ليگ جا ميمبر به وزير ٿيڻ واري ڊوڙ ۾ شامل آهن. ن ليگ جي حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، طلال چوڌري ۽ افضل کوکر  ڪابينا ۾ شامل ٿيندا. وفاقي ڪابينا ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ميمبر مصطفيٰ ڪمال به شامل هوندو، بئريسٽر عقيل ۽ حذيفه رحمان کي به ڪابينا ۾  شامل ڪيو ويندو. عبدالرحمان ڪانجو ۽ سردار يوسف به وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيندا، هو گذريل حڪومت ۾ به وفاقي وزير جي حيثيت سان ڪم ڪري چڪو آهي، ان کانسواءِ ڊاڪٽر توقير شاهه وزيراعظم جو صلاحڪار هوندو. ن ليف جي سيالڪوٽ مان اسيمبلي ميمبر نوشين افتخار ، رومينه خورشيد عالم، رضا حيات هراج ۽ چوڌري رياض کي به ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
27%
2.1m/s
0%
خميس
25 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون