- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف بشام حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي عبرت جو نشانو بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هر لمحي اڳتي وڌي رهي آهي، بشام واقعي ۾ ملوث دشمن نٿا چاهن ته پاڪ چين دوستي اڳتي وڌي، چيني شهرين تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي سخت سزا ملندي، دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪستاني قوم ۽ سڪيورٽي فورسز قربانيون ڏنيون آهن، مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي، پنجن سالن اندر ملڪي معيشيت کي تبديل ڪرڻو آهي.
وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته بدقسمتي سان 26 مارچ تي بشام ۾ افسوسناڪ واقعو ٿيو جنهن ۾ 5 چيني انجنيئر مارجي ويا ۽ هڪ پاڪستاني شهيد ٿي ويو.
سندس چوڻ هو ته بشام واقعي بابت انڪوائري ڪميٽي ٺاهي ۽ گڏيل جاچ ٽيم به جوڙي وئي، انڪوائري ڪميٽي کي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بشام واقڳي جي جاچ فوري ڪئي وڃي جيڪي به ذميوار آهن کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، دعا آهي ته هو چئلينجز جو ڀرپور مقابلو ڪري سگهن.
هن چيو ته وسيلا موجود آهن انهن کي استعمال ڪرڻو آهي، سڀني کي گڏجي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻو آهي، پيٽروليم وزارت کي دنيا جي بهترين ڪنسلٽنٽ گهرجي، دير کي ختم ڪرڻ لاءِ ايس آءِ ايف سي جي حڪمت عملي آهي.- Advertisement -
