- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ آهستي آهستي استحڪام اچي رهي آهي، ان جا نتيجا جلد نظر ايندا، آءِ ايم ايف سان معاهدي بعد رپيو مضبوط ٿيو آهي، ماضي ۾ حڪومتن کي اهڙا معاشي مسئلا نه هئا، معاشي مسئلا تحريڪ انصاف جي باني جي چئن سالن واري حڪومتي طور ۾ آيا.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطاتارڙ چيو ته سياسي پارٽيون ڪارڪنن سان ئي مضبوط ٿينديون آهن، سياسي پارٽين جي قربانين سان هميشه جمهوريت کي هٿي ملي آهي، سياسي ڪارڪنن جو استحصال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ آهستي آهستي استحڪام اچي رهي آهي، ان جا نتيجا جلد نظر ايندا، آءِ ايم ايف سان معاهدي بعد رپيو مضبوط ٿيو آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته ماضي ۾ حڪومتن کي اهڙا معاشي مسئلا نه هئا، معاشي مسئلا تحريڪ انصاف جي باني جي چئن سالن واري حڪومتي طور ۾ آيا.- Advertisement -
