تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف بشڪيڪ ۾ مقرر پاڪستاني سفير کي پاڪستاني شاگردن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ڪرغستان ۾  مقرر پاڪستاني سفير حسن علي زيغم سان فون تي رابطو ڪري پاڪستاني شاگردن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف ڪرغزستان ۾ پاڪستاني ۽ ٻين ملڪن جي شاگردن تي ٿيل حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستاني سفير کي هاسٽلز جو دورو ڪري پاڪستاني شاگردن سان ملاقات ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني سفارتخاني ايمرجنسي نمبر فراهم ڪري ڇڏيا آهن ۽ وزيراعظم شهباز شريف پنهنجو پاڻ کي صورتحال کان لڳاتار آگاهه رکيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪرغستان ۾ پاڪستاني سفير حسن علي سان به ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ ڪرغستان ۾ پاڪستاني شاگردن کي هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستاني سفير کي پاڻ هاسٽلن جا دورا ڪري شاگردن سان ملاقات جي هدايت ڪئي آهي. پاڪستاني سفير حسن علي، وزيراعظم کي ٻڌايو ته واقعي ۾ ڪوبه پاڪستاني مارجي ناهي ويو، سفارتخانو زخمي شاگردن جي مدد ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته شاگردن جي والدين سان رابطي رهي کين معلومات فراهم ڪئي وڃي، زخمي شاگردن کي پڻ هر قسم جي طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. سندس چوڻ هو ته جيڪي زخمي شاگرد واپس پاڪستان اچڻ چاهن ٿا سندن فوري واپسي جو بندوبس ڪيو وڃي. هوڏانهن ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪرغزستان ۾ شاگردن تي حملن جون خبرون انتهائي ڳڻتي جوڳيون آهن. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته هو پاڪستاني شاگردن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هو ڪرغز اختيارين سان رابطي ۾ آهن، ڪرغزستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪيڪ ۾ مقامي ۽ پرڏيهي شاگردن وچ ۾ جهيڙي کانپوءِ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي، ڪرغزستان جي  شاگردن پاڪستاني شاگردن جي هاسٽل تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ ڪيترن ئي شاگردن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.1 ° C
17.1 °
17.1 °
75 %
1.4kmh
64 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون