ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ مقامي ۽ پرڏيهي شاگردن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي وڪڙ ۾ پاڪستاني شاگرد به اچي ويا

- Advertisement -
ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ مقامي ۽ پرڏيهي شاگردن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي وڪڙ ۾ پاڪستاني شاگرد به اچي ويا، مڇريل ڪرغز شاگردن، پاڪستاني شاگردن جي هاسٽلن تي حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪيڪ ۾ مقامي ۽ پرڏيهي شاگردن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جڏهن ته پاڪستاني شاگرد به وڪڙ ۾ اچي ويا. مقامي ماڻهن پاڪستاني شاگردن جي هاسٽلن تي حملا ڪري موجود پاڪستانين کي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. حملا ڪندڙن هاسٽلن جي ڪمرن جا  دروازا ۽ درين جا شيشا ڀڃي ڇڏيا، واقعي بعد پاڪستاني شاگردن ۾ خوف پکڙجي ويو. هاسٽل ۾ پاڪستاني شاگردن کي به هيسائڻ جا طلاع سامهون آيا آهن. بشڪيڪ ۾ موجود پاڪستاني شاگردن حڪومت کان مدد جي اپيل ڪئي آهي. مقامي پوليس حالتون ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ڪرغز حڪومت بشڪيڪ ۾ فوج مقرر ڪري ڇڏي. پاڪستاني شاگردن جي حڪومت کان مدد جي اپيل ڪئي آهي. پاڪستاني شاگردن جو چوڻ آهي ته ڪرغزستان ۾ ڇڪتاڻ مصري ۽ مقامي شاگردن ۾ جهيڙي سبب شروع ٿي، جهيڙي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ مقامي ماڻهن پرڏيهي شاگردن جي هاسٽلن تي حملا ڪيا ۽ شاگردياڻين کي به هيسايو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
21%
3.7m/s
19%
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون