تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف جو نارويجن هم منصب سان رابطو، فلسطين جي رياست تسليم ڪرڻ جي آجيان

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ناروي جي هم منصب جوناس گهر سٽور سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو عزم جو ورجاءُ ڪيو، ان کانسواءِ رابطي ۾ رهڻ ۽ جلد ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو آهي ته ناروي جو فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو بهادر فلسطيني عوام لاءِ اميد ۽ ٻڌي جو مضبوط پيغام ڏيندو، جيڪو اسرائيل جو ظلم برداشت ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته ناروي جو فيصلو ٻين ملڪن کي ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق ڏيندو، جنهن سان گڏيل قومن ۾ فلسطيني رياست جي مڪمل ميمبرشپ لاءِ رستو صاف ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف رفح ۽ غزه بابت عالمي عدالت جي تازي فيصلي جي آجيان ڪئي، ان تي مڪمل ۽ هاڪاري عمل، وچ اوڀر ۾ جٽادار امن لاءِ ٻه رياستي حل جي اهميت تي زور ڀريو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
36 %
6.7kmh
1 %
ڇنڇر
27 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون