وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس اڄ شام وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندو.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو وٺڻدي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.