تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نيشنل شپنگ ڪارپوريشن بابت اجلاس

وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم تي اسڪيننگ جي جديد مشينري جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ  ۽ لياري ايڪسپريس وي کي ڪارگو ٽريفڪ لاءِ 24 ڪلاڪ کليل رکڻ  جي هدايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته پاڪستاني معيشيت مضبوط ۽ ترقي طرف وڌي رهي آهي، پاڪستان وچ ايشيائي رياستن لاءِ سمنڊ ذريعي واپار جو سڀ کان بهترين رستو فراهم ڪري ٿو، وچ ايشيائي رياستن واپار لاءِ پاڪستاني پورٽن جي استعمال ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نيشنل شپنگ ڪارپوريشن بابت اجلاس ٿيو.

وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ڪارڪردگي جي خطي جي ٻين بندرگاهن سان ڀيٽ تي ٻڌل هڪ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جاگيرافيائي لحاظ کان خطي ۾ اهم ڪردار رکي ٿو.

هن چيو ته هن پنهنجي قازقستان جي دوري دوران روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.

سندس چوڻ هو ته وچ ايشيائي رياستن واپار لاءِ پاڪستان جي بندرگاهن جي استعمال ۾ تمام گهڻي دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بندرگاهن ۾ جديد نظام ۽ پهچ ۾ وڌيڪ بهتري سان ئي پاڪستان اربين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا وارو ناڻو  حاصل ڪري سگهي ٿو.

هن چيو ته ڪراچي جي بندرگاهن جي ترقي سان ويليو ايڊيشن جي صنعت سان شيون ٻاهر موڪلڻ ۾ اضافو ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تي جديد اوزارن ۽ مشينري لڳائڻ سان ڪسٽمز ڪليئرنس جو وقت گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته بندرگاهن تي اسڪيننگ جي جديد مشينري جلد لڳائڻ کي يقيني بڻايو وڃي.

هن چيو ته بندرگاهن جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تائين سامان جي بنا فرنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ لياري ايڪسپريس وي کي ڪارگو ٽريفڪ لاءِ 24 ڪلاڪ کليل رکيو وڃي.

هن چيو ته سامان جي فراهمي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ ملير ايڪسپريس وي کي بندر گاهه سان جوڙيو وڃي.

ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ هيڇيسن پورٽ سائوٿ ايشين پاڪستان ٽرمينل جو دورو پڻ ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف کي ٽرمينل جي آپريشنز بابت بريفنگ ڏني وئي.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ هيڇيسين پورٽ سائوٿ ايشين پاڪستان ٽرمينل  دنيا جي ڪجهه اونهن پاڻين تي موجود ٽرمينل مان هڪ آهي.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته پورٽ ٽرمينل کي جديد نموني هلايو پيو وڃي جنهن ۾ گهڻي قدر آپريشن جديد آهن.

وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته پورٽ ٽرمينل تي جديد ٽيڪنالاجي ۽ اسڪينر لڳايا ويا آهن.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته پورٽ ٽرمينل جا آپريشن عالمي معيار موجب آهن، پورٽ تي هر سال 35 لک ڪٽينرن جي چرپر جي صلاحيت آهي.

وزيراعظم شهباز شريف ايف بي آر چيئرمين کي هدايت ڪئي ته پاڪستاني بندرگاهن تي اوليتي بنيادن تي جديد ترين اسڪينر لڳايا وڃن.

هن چيو ته ڪسٽم اختياريون پورٽ اختيارين سان گڏجي بندرگاهن جي صلاحيت مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ جلد قدم يقيني بڻائين.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي شيون ٻاهر موڪليندڙ صنعت جي ترقي لاءِ  بندرگاهن جي ترقي تمام گهڻي ضروري آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي شيون ٻاهر موڪلڻ ۾ اضافي لاءِ حڪومت اوليتي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي.

هن چيو ته وچ ايشيائي رياستن، چين ۽ ٻين ملڪن ۽ پاڪستاني بندرگاهن ذريعي واپار سان پاڪستان هر سال اربين ڊالر جو پرڏيهي مٽاسٽا وارو ناڻو ڪمائي سگهي ٿو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
121,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
2.2 ° C
2.2 °
2.2 °
19 %
1.7kmh
2 %
ڇنڇر
14 °
آچر
14 °
سُومر
14 °
اڱارو
11 °
اربع
10 °

تازه ترين خبرون