- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف دهشتگرد حملن کي منظم سازش قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا وڌي ويا آهن،
سڪيورٽي ادارن تي حملا منظم سازش آهي، پاڙيسري ملڪ سان دهشتگردي جا واقعا روڪڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ڪيون آهن،
ٽي ٽي پي افغانستان ۾ ويهي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهي آهي، اتحادي حڪومت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي،
جرمني سميت ٻين ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن تي حملا افسوس جوڳا آهن، پاڪستاني سفارتڪارن جي حفاظت لاڳاپيل ملڪن جي ذميواري آهي،
126 ملڪن جي شهرين کان ويزا في نه اوڳاڙي ويندي، فلسطين ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ ظلم ٿي رهيا آهن،
اسرائيلي فوج 40 هزار فلسطيني شهرين کي شهيد ڪيو آهي: وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي بابت فيصلو نه ٿي سگهيو، پ پ سميت ٻين اتحادي پارٽين سان صلاح مشوري جو فيصلو.- Advertisement -
