تازه ترين

نئين ديري شهر ۾ موٽر سائيڪلن جي چورين ۾ پوليس اهلڪارن جي ملوث هجڻ جو انڪشاف

- Advertisement -
نئين ديري شهر ۾ موٽر سائيڪلن جي چورين ۾ پوليس اهلڪارن جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان حوالي سان شهرين جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سٽي پوليس جو انچارج سيد ذوالفقار شاھ، شهري فياض احمد ڪنڌر جي گهر ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪل جو تالو ٽوڙي گاڏي چوري ڪرائي رهيو آهي. شهري فياض احمد ڪنڌر جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ اچڻ بعد چوري واقعي جي اين سي نئون ديرو ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي. ايس ايڇ او شاهد ميمڻ جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڊيو هن به ڏٺي آهي، سٽي گشت انچارج جو موبائل نمبر بند پيل آهي، جيئن ئي رابطو ٿيندو ته حقيقتون سامهون اچي وينديون. شهرين جو چوڻ آهي ته ذوالفقار شاهي جي گشت انچارج مقرر ٿيڻ بعد چورين جي واقعن ۾ تمام گهڻو اضافو ويو ويو، جنهن مان لڳي پيو ته وارداتن ۾ پوليس سڌيءَ ريت ملوث آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.9 ° C
29.9 °
29.9 °
30 %
7.7kmh
23 %
آچر
29 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون