وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان جي ٻوڏ متاثر شاگرد ملاقات ڪئي آهي، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته تعليم ئي ملڪ جي تقدير تبديل ڪري سگهي ٿي، وفاقي سطح تي شاگردن لاءِ ميرٽ تحت اسڪالرشپ منصوبا آندا ويندا، شاگرد اڪرام الله جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش پوري ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان جي علائقي قلعا سيف الله جي ٻوڏ متاثر شاگرد اڪرام الله ملاقات ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف، ٻوڏ متاثر شاگرد جو وزيراعظم هائوس ۾ آڌرڀاءُ ڪيو.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سال 2022ع جي ٻوڏ ۾ سندس قلعا سيف الله جي دوري دوران اڪرام الله امدادي تنبو ۾ مليو هو، سندس خاندان ٻوڏ سبب متاثر ٿيو هو.
سندس چوڻ هو ته اڪرام الله تعليم حاصل ڪرڻ جي موقعي جي غير موجودگي سبب ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو، اڪرام الله تڏهن اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته شاگرد اڪرام الله جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش پوري ڪئي وئي آهي، تعليم ئي ملڪ جي تقدير تبديل ڪري سگهي ٿي، وفاقي سطح تي شاگردن لاءِ ميرٽ تحت اسڪالرشپ منصوبا آندا ويندا.
ملاقات ۾ وزيراعظم سان ڳالهائيندي ٻوڏ متاثر شاگرد اڪرام الله چيو ته هو پڙهي لکي ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو، وزيراعظم جي ڪري هو اڄ اعليٰ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، سندس خواهش هئي ته اوهان ٻيهر وزيراعظم ٿيو.