وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير جي ملاقات ڪئي آهي.
آمريڪي سفارتخاني جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران گڏيل دلچسپي ۽ علائقائي سڪيورٽي تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ترجمان چيو ته پاڪستان جي معاشي بحالي، آءِ ايم ايف پروگرام حاصل ڪرڻ ۾ آمريڪا جي حمايت تي غور ڪيو ويو.
ملاقات دوران واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ موسمياتي تبديلي بابت به ڳالهيون ڪيون ويون