تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وزيراعظم شهباز شريف ملڪ مان بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ملڪ مان بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم جي صدارت هيٺ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ بجلي چوري روڪڻ بابت اجلاس ٿيو. اجلاس دوران وزيراعظم اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته خساري ۾ هلندڙ فيڊرز تي به لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽايو وڃي. توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري وزيراعظم کي خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان ٿيل ملاقات بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪي پي جي وڏي وزير صوبي ۾ بجلي چوري گهٽائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم ڪي پي جي وڏي وزير سان ملاقات ۾ ٿيل اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي. توانائي واري وزير اجلاس کي ٻڌايو ته رڳو خساري ۾ هلندڙ فيڊرز تي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته گرميءَ جي ڪري ماڻهو سخت پريشان آهن، خساري وارن فيڊرز تي به لوڊشيڊنگ گهٽائي وڃي، بجليءَ جي چوري روڪڻ سمورن واڳيل ادارن جي ذميواري آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال هنن ڏينهن ۾ بجليءَ جي طلب 28 هزار ميگاواٽ هئي جيڪا هيل گهٽجي 23 هزار ميگاواٽ تي پهتي آهي، سسٽم ۾ 18 هزار ميگاواٽ بجلي موجود آهي، طلب ۾ گهٽتائي باوجود بجليءَ جو 5 هزار ميگاواٽ جو شارٽ فال برقرار آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
27 %
4.2kmh
0 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون