تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

جيل ۾ قيد شخص ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته جيل ۾ قيد شخص ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ باني جو جهيڙو ڪنهن سياسي پارٽي نه ملڪ سان آهي، 71ع جي سانحي تي قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ وارا غلط وڊيو هلائي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته 28 مئي ملڪي تاريخ جو اهم آهي، ان ڏينهن تي پاڪستان ائٽمي ڌماڪا ڪري دنيا کي ٻڌايو ته ملڪ ڪمزور نه پر ائٽمي طاقت  آهي. هن چيو ته ائٽمي ٽيڪنالاجي جو باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو، جنهن ملڪ کي ائٽمي طاقت بنايو، سندس سموري خاندان پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻائڻ جي قميت ادا ڪئي. شرجيل ميمڻ چيو ته جيل ۾ ويٺل شخص جا انٽرويو هلي ۽ آرٽيڪل ڇپجي رهيا آهن، اهو شخص جيل مان حڪومت هلائڻ سان گڏ سمورا ڪم ڪري رهيو آهي، غلط وڊيو هلائي ملڪي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ جي ويڙهه ڪنهن سياسي پارٽي يا اداري سان نه پر ملڪ سان آهي، ڍاڪا سانحو ٿيو ته ڪيترن ئي معصوم ماڻهن جون حياتيون ويو، حقيقتون ٽوڙي مروڙي هڪ ڪهاڻي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته ادارن جي بيساکين سان پي ٽي آءِ بانيءَ سياست ۾ قدم رکيو، مٿس وڏا احسان آهي، پر هو  وڏو احسان فراموش آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني ملڪ ۽ فوج کي ورهائي رهيو آهي، آصف زرداري 14 سال قيد ۾ رهيو ان وقت ڪنهن کي ناانصافي نظر نه آئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي غير آئيني طور سزا ڏني وئي. شرجيل ميمڻ چيو ته نئون فيشن هلي پيو ته اقتدار ڏيو نه ته ادارن خلاف مهم هلائي ويندي، پ پ  ڏاڍ برداشت ڪيو پر ڪنهن خلاف انتقامي ڪارروائي نه ڪئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
31 %
3.2kmh
98 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون