تازه ترين

وزيراعظم ٽيڪس اوڳاڙين جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ دائرو وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ٽيڪس اوڳاڙين جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ دائرو وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي معاملن بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ، پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻ جا حدف حاصل ڪرڻ، معيشيت جي ڊيجيٽائزيشن ۽ ٽيڪس چوري خلاف قدمن جي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح 11 سيڪڙو حدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. شهباز شريف چيو ته ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اي آءِ جي استعمال سان ڪليئرنس جي وقت ۾ خاطر خواهه گهٽتائي جي ساراهه ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته شيون ٻاهر موڪلڻ ۽ گهرائڻ جي ڪسٽمز ڪليئرنس جو عمل وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم غيرقانوني سگريٽ فيڪٽرين خلاف ڪارروائي تي ايف بي آر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ساراهه ڪئي ۽ صوبائي حڪومتن کي ايف بي آر سان مڪمل سهڪار جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. شهباز شريف سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي بروقت ادائگي کي يقيني بڻائڻ تي به زور ڀريو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
10 %
7kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
36 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون