- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته قوم سال فيض حميد ۽ جنرل باجوه جي پوکيل ٻجن جا فصل لڻندي.
اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حمد کي 14 سال قيد جي سزا تي خواجا آصف سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس تي ردعمل ڏنو.
سندس چوڻ هو ته قوم سال فيض حميد ۽ جنرل باجوه جي پوکيل ٻجن جا فصل لڻندي.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته الله کين معاف ڪري، طاقت ۽ اقتدار کي الله جي عطا سمجهي ڪري ان جي مخلوق لاءِ استعمال جي توفيق عطا فرمائي، خدا جو خوف حڪمرانن جي عادت بڻجي، آمين.- Advertisement -
