- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ٽيڪس ڪيسن ۾ دير جو نوٽيس وٺندي چيف ڪمشنر لينڊ روينيو اسلام آباد کي عملي سميت معطل ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته قومي ناڻي جا هزارين ارب رپيه قانوني تڪرارن جي ور چڙهيل آهن، ڪيسن ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف ايف بي آر جي وڪيل طرفان ڪيس ۾ دير جي درخواست جو نوٽيس ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف ٽيڪس ڪيسن ۾ دير جي ذميوار چيف ڪمشنر ان لينڊ روينيو اسلام آباد ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قومي ناڻي جا ڪيترائي ارب قانوني تڪرارن جو شڪار آهن.
هن چيو ته ڪيسن ۾ ڪنهن به قسم جي دير قبول نه ڪئي ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پنهنجي عوام سان ڪيل واعدي تحت ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ملڪ ۽ قوم جي هڪ هڪ پائي بچائڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي.- Advertisement -
