تازه ترين

غزا بابت پاڪستان جو موقف ساراهه جوڳو آهي : ايراني صدر ابراهيم رئيسي

- Advertisement -
ايراني صدر ابراهيم رئيسي طرفان علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي ورکا ڪري فاتحه خواني کانپوءِ  مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثرات قلمبند ڪيا آهن. ايراني صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد کان لاهور پهتو. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز لاهور هوائي اڏي تي ايرناي صدر ابراهيم رئيسي جي آجيان ڪئي. ايراني صدر ابراهيم رئيسي هوائي اڏي کان مزار اقبال پهتو جتي مولانا عبدالخبير آزاد سندس آجيان ڪئي. پنجاب رينجرز جي جتي مهمان جي مزار اقبال آمد تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. مهمان علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ابراهيم رئيسي علامه اقبال کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر قلمبند ڪيا. مزار اقبال تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو ته علامه اقبال مسلمانن کي نئون رستو ڏيکاريو،  جيئن توهان کي پنهنجي قوم تي ناز آهي تيئن ايران کي به پنهنجي قوم تي ناز آهي، کين پنهنجي مجاهدين تي وڌيڪ ناز آهي. هن چيو ته کيس پاڪستان ۾ اچي اوپرائپ بلڪل نه محسوس ٿي رهي آهي، سڪيورٽي خدشن بب پاڪستان ۾ ميڙاڪي کي خطاب نه ڪري سگهيو آهي. سندس چوڻ هو ته غزا بابت پاڪستان جو موقف ساراهه جوڳو آهي. ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو ته اسرائيل خلاف جنگ ۾ فلسطيني ئي ڪاميابي حاصل ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جون دليون هميشه جڙيل رهنديون. سندس چوڻ هو ته فلسطينين جي حمايت ڪرڻ تي پاڪستاني عوام کي سلام آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون