تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وزيراعظم ۽ راجا رياض ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق نه ٿيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وزيراعظم شهبازشريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق لاءِ ٿيل ملاقات بنا نتيجي ختم ٿي وئي، سڀاڻي ٻيهر ملاقات ٿيندي.

نگران وزيراعظم جي مقرريءَ لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شهبازشريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ ملاقات ٿي.

ملاقات دوران مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جو نالو نگران وزيراعظم لاءِ پيش ڪيو.

ملاقات دوران حفيظ شيخ، جليل عباس جيلاني، شاهد خاقان عباسي، جسٽس خليل رمدي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جي نالن تي به غور ڪيو ويو.

وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ ملاقات بنا نتيجي ختم ٿي وئي، ڳالهين جو ٻيو  دور سڀاڻي ٿيندو.

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض چيو ته وزيراعظم جي ايڊوائز تي صدر اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، ٽن ڏينهن اندر نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪرڻو آهي.

هن چيو ته سڀاڻي نگران وزيراعظم جي نالي تي ٻيهر وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي.

راجا رياض چيو ته سٺا ماڻهو آهن، هنن فيصلو ڪيو آهي ته فائنل ٿيڻ کان اڳ نالو ظاهر نه ڪيو ويندو، اميد ته سڀاڻي نالو فائنل ٿي ويندو، نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻئي ڏينهن به صلاح مشوري وارو سيشن ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته ملاقات دوران هن ۽ وزيراعظم شهباز شريف 3، 3 نالا پيش ڪيا ۽ ڇهن نالن تي غور ويچار ڪيو ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
13 %
1.2kmh
98 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون