تازه ترين

وزيراعظم ۽ راجا رياض ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق نه ٿيو

وزيراعظم شهبازشريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق لاءِ ٿيل ملاقات بنا نتيجي ختم ٿي وئي، سڀاڻي ٻيهر ملاقات ٿيندي.

نگران وزيراعظم جي مقرريءَ لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شهبازشريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ ملاقات ٿي.

ملاقات دوران مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جو نالو نگران وزيراعظم لاءِ پيش ڪيو.

ملاقات دوران حفيظ شيخ، جليل عباس جيلاني، شاهد خاقان عباسي، جسٽس خليل رمدي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جي نالن تي به غور ڪيو ويو.

وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ ملاقات بنا نتيجي ختم ٿي وئي، ڳالهين جو ٻيو  دور سڀاڻي ٿيندو.

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض چيو ته وزيراعظم جي ايڊوائز تي صدر اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، ٽن ڏينهن اندر نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪرڻو آهي.

هن چيو ته سڀاڻي نگران وزيراعظم جي نالي تي ٻيهر وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي.

راجا رياض چيو ته سٺا ماڻهو آهن، هنن فيصلو ڪيو آهي ته فائنل ٿيڻ کان اڳ نالو ظاهر نه ڪيو ويندو، اميد ته سڀاڻي نالو فائنل ٿي ويندو، نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻئي ڏينهن به صلاح مشوري وارو سيشن ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته ملاقات دوران هن ۽ وزيراعظم شهباز شريف 3، 3 نالا پيش ڪيا ۽ ڇهن نالن تي غور ويچار ڪيو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
22 ° C
22 °
22 °
51 %
3kmh
44 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
26 °

تازه ترين خبرون