تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اسلام آباد جي احتساب عدالت، 190 ملين پائونڊ ۽ توشا خاني ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت کان اڳ گرفتاريءَ جون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير عمران خان ۽ بشريٰ بيبي جي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ ضمانت کان اڳ گرفتاري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواري بشريٰ بيبي پيش ٿي.

ٻڌڻي دوران جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته بشريٰ بيبي جا وارنٽ ته جاري ئي ناهن ٿيا، جاچ آفيسر ڪٿي آهي؟ هي ڪيس انڪوائري آهي يا انويسٽيگيشن واري مرحلي ۾ آهي؟

نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي چيو ته اڃا گرفتار ڪرڻ جو آرڊر نه آهي.

بشريٰ بيبي جي وڪيل خواجه حارث چيو ته اهو ڪيس هاڻي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، وڪيل انتظار پنڇوٿا چيو ته مستقبل بابت ڪا ضمانت ڏيو.

جج محمد بشير چيو ته نيب وارا گرفتار  ڪري وٺندا آهن، اهو نه ٿئي ته نيب کيس گرفتار ڪري.

عدالت 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ بشريٰ بيبي کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٻڌڻي دوران بشريٰ بيبي حاضري لڳائي واپس رواني ٿي وئي. بعد عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت کان اڳ گرفتاري واري درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي سندس درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.8 ° C
16.8 °
16.8 °
44 %
2.2kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون