وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته 9 آگسٽ تي اسيمبلي ٽوڙي ويندي، نگران وزيراعظم لاءِ صلاح مشورا سڀاڻي ٿيندا، ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ صلاح مشورا مڪمل ڪيا ويندا.
وزيراعظم طرفان اتحادين جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ عام چونڊن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
اجلاس دوران وزيراعظم، اتحادين کي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ 9 آگسٽ جي تاريخ ڏني آهي.
سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي توڙڻ جي سمري 9 آگسٽ تي صدر ڏانهن موڪلي ويندي، نگران وزيراعظم لاءِ صلاح مشورا سڀاڻي ٿيندا، ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ صلاح مشورا مڪمل ڪيا ويندا.
موجوده اسيمبلي جو مدو ٻارهن آگسٽ تي رات ٻارهين وڳي ختم ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب ٻارهن آگسٽ تي اسيمبلي ٽٽي ته 11 آڪٽوبر تي اليڪشن ڪرائي ويندي