تازه ترين

وسيم اڪرم جو پنهنجي مجسمي تي ردعمل: “يقينن، منهنجو مجسمو چيتي کان ته بهتر آهي!

- Advertisement -
پاڪستان جي ليجنڊري فاسٽ بالر ۽ اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم پاران حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ لڳايل پنهنجي مجسمي بابت ردعمل سامهون اچي ويو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي وسيم اڪرم، پنهنجي مجسمي سان گڏ هڪ چيتي جي مجسمي جي تصوير شيئر ڪئي، جنهن تي هن لکيو يقينن، منهنجو مجسمو ته هن چيتي شينهن کان بهتر آهي! وسيم اڪرم وڌيڪ چيو ته نياز اسٽيڊيم ۾ لڳايل مجسمي بابت گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پر سندس جي خيال ۾ آئيڊيا جي اهميت وڌيڪ آهي “ اڳوڻي ڪپتان مجسمو ٺاهيندڙ جي ساراهه ڪندي چيو: ”ان ڪوشش تي منهنجي طرفان مجسمو ٺاهيندڙ ۽ ان سان لاڳاپيل هر ماڻهوءَ کي فُل مارڪس. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نياز اسٽيڊيم، حيدرآباد ۾ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم جو مجسمو لڳايو ويو هو، جنهن ۾ کيس 1999ع جي ورلڊڪپ واري جرسي پاتل آهي ۽ سندس ٽريڊ مارڪ بالنگ انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي. جيتوڻيڪ مجسمو سامهون اچڻ بعد شوقينن پاران سوشل ميڊيا تي ان مجسمي مٿان تنقيد ڪئي وئي، ۽ ميمز جي برسات شروع ٿي وئي. وسيم اڪرم، جنهن 1984ع کان 2003ع تائين پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، هن ٽيسٽ ميچن ۾ 414 ۽ ون ڊي ميچن ۾ 502 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن، اڄ به ڪرڪيٽ دنيا ۾ پنهنجي سوئنگ ۽ انداز جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو.   https://www.facebook.com/SindhTvNews/videos/1414391376358371
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون