تازه ترين

وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي حياتي قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا به شيءَ مقدس ناهي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي حياتي قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا به شيءَ مقدس ناهي، شهيد قوم لاءِ اميد آهن، قوم جي آزادي توڙي سلامتي بهادر جوانن جي قربانين جي ڪري آهي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته جي ايڇ ڪيو ۾ فوجي اعزاز ڏيڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير فوجي آپريشنن ۾ بهادري ۽ نمايان خدمتن تي فوجي اهلڪارن کي اعزازن سان نوازيو.

تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي حياتي قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا به شيءَ مقدس ناهي، شهيدن جون قربانيون سندن عزم ۽ حوصلي کي مضبوط ڪن ٿيون.

آرمي چيف چيو ته شهيد قوم لاءِ اميد آهن، قوم جي آزادي توڙي سلامتي بهادر جوانن جي قربانين جي ڪري آهي.

آءِ ايس پي آر سينيئر فوجي آفيسرن ۽ ايوارڊ وٺندڙن تقريب ۾ وڏي انگ شرڪت ڪئي، فوجي آفيسرن ۽ جوانن کي ستارا امتياز ملٽري ۽ تمغه بسالت ملٽري سان نوازيو ويو.

شهيدن جا اعزاز سندن پونئيرن وصول ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف شهيد ۽ غازين کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
51 %
0.1kmh
1 %
آچر
24 °
سُومر
30 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون