وطن لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ مسيحي سپاهيءَ هارون وليم جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون، تقريب ۾ وزيراعظم شهبازشريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اسلام آباد جي رهواسي 29 ورهين جي سپاهي هارون وليم جون آخري رسمون سينٽ پال چرچ راولپنڊي ۾ ادا ڪيون ويون.
هارون وليم ڪرم ضلعي ۾ دهشتگردي جي خاتمي بابت آپريشن ۾ ڊيوٽي دوران شهادت ماڻي هئي.
شهيد سپاهيءَ جي آخري رسمن ۾ وزيراعظم شهبازشريف، بچاءَ واري وزير خواجه آصف، گهرو وزير محسن نقوي، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ٻين اعليٰ فوجي توڙي سول آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم ملڪ جي ترقي ۾ مسيحي برادريءَ جي خدمتن ۽ قربانين جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هڪ مڪمل يونٽ آهي، جنهن ۾ مختلف متڪبه فڪر جا ماڻهو شامل آهن.
آرمي چيف، سپاهي هارون وليم، سپاهي انوش رفون ۽ سندن ساٿين جي قربانيءَ جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته جوانن جو اتحاد ۽ بهادري قوم جي طاقت جو مثال آهي.
ان کانسواءِ ڪرم ضلعي ۾ شهادت ماڻيندڙ حوالدار عقيل احمد کي اوڪاڙا، لانس محمد سفير کي پونڇ، سپاهي انوش رفون کي اٽڪ ۽ سپاهي محمد اعظم خان کي هري پور ۾ اباڻن علائقن ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو……..