- Advertisement -
وفاقي آئيني عدالت، وفاقي شرعي عدالت جي عمارت ۾ منتقل ٿي وئي آهي.
وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان ٻين ججن سان گڏ وفاقي آئيني عدالت جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو.
تقريب ۾ قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، سپريم ڪورٽ بار جي صدر هارون الرشيد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وفاقي آئيني عدالت جي ٽن بينچن نئين عمارت ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي شروع ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ سپر ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي.
- Advertisement -
