- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ريڊيو پاڪستان تي حملي ۾ تحريڪ انصاف وارا سڌي نموني ملوث آهن، پي ٽي آءِ کي فارنزڪ رپورٽ لاهور ۾ تيار ٿيڻ تي اعتراض آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي سنڌ جي دوري دوران به ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، وڳوڙي گروپ ملڪ کي نقصان پهچائڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو آهي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف 8 فيبروري تي هڪ دفعو ٻيهر وڳوڙن جو پروگرام تيار ڪيو آهي، ڪنهن کي به قانون جي ڀڃڪڙي جي اجازت نه ڏني ويندي.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته ريڊيو پاڪستان تي حملي ۾ پي ٽي آءِ جا ماڻهو سڌي ريت ملوث نڪتا، 9 مئي تي پشاور هنگامن ۾ به تحريڪ انصاف ملوث هئي.
عظميٰ بخاري چيو ته 9مئي واقعن جي هڪ فارنزڪ رپورٽ آئي آهي، پي ٽي آءِ کي فارنزڪ رپورٽ لاهور ۾ تيار ٿيڻ تي اعتراض آهي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت جي دور ۾ ملڪ اندر ڪوبه منصوبو شروع نه ٿيو، سمورا سٺا ڪم مسلم ليگ نون جي دور ۾ نظر ايندا آهن، هر نئون سال ملڪ لاءِ نيون خوشخبريون آڻي رهيو آهي.- Advertisement -
