- Advertisement -
وفاقي حڪومت ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب، ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽرول هڪ رپيو في لٽر سهانگو ڪيو ويو جنهن کانپوءِ نئين قيمت 254 رپيا 63 پيسا مقرر ڪئي وئي.
نوٽيفڪيشن موجب، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 258 رپيا 64 پيسا في لٽر برقرار رکي وئي آهي.
جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽروليم شين جا نوان اگهه رات ٻارهين وڳي کان لاڳو ٿي ويا آهن.- Advertisement -
