وفاقي حڪومت راشد محمود لنگڙيال کي ايف بي آر جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
راشد محمود لنگڙيال کي ايف بي آر چيئرمين مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
21هين گريڊ جو راشد محمود لنگڙيال پاور ڊويزن جي سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو.
موجوده ايف بي آر چيئرمين امجد زبير ٽوانا وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي درخواست ڏني آهي.
ايف بي آر چيئرمين جي مقرريءَ جي سمري وفاقي ڪابينا منظور ڪري ورتي آهي.