تازه ترين

صدر آصف علي زرداريءَ سان پيمرا چيئرمين محمد سليم جي ملاقات

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حقيقتن جي جاچ ۽ ڄاڻ جي تصديق واري ڪلچر کي هٿي ڏيڻي پوندي، جديد مواصلاتي ٽيڪنالاجي سبب نوان چئلينج آڏو آهي، غلط ڄاڻ ۽ پروپيگنڊا روڪڻ لاءِ ضابطا اخلاق تي عمل ٿيڻ گهرجي، ميڊيا معاشري ۾ ڀائيچاري، اتحاد ۽ اخلاقي قدرن کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. صدر آصف علي زرداريءَ سان پيمرا چيئرمين محمد سليم ملاقات ڪئي ۽ صدر کي پيمرا جي رپورٽ پيش ڪئي. آصف علي زرداريءَ، جعلي خبرن ۽ غلط ڄاڻ پکيڙڻ کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ تي زور ڀريو. صدر جو چوڻ هو ته حقيقتن جي جاچ ۽ ڄاڻ جي تصديق واري ڪلچر کي هٿي ڏيڻي پوندي. آصف علي زرداري چيو ته ميڊيا صحافت جي اعليٰ ترين معيار کي برقرار رکي، جديد مواصلاتي ٽيڪنالاجي سبب نوان چئلينج آڏو آهي، غلط ڄاڻ ۽ پروپيگنڊا روڪڻ لاءِ ضابطا اخلاق تي عمل ٿيڻ گهرجي. صدر چيو ته ميڊيا ملڪ جي سٺيَ چهري، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن بابت شعور اجاگر ڪري. پيمرا چيئرمين صدر کي ميڊيا منظرنامي جي ريگوليشن ۽ ترقي ۾ پيمرا جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
50 %
3.3kmh
20 %
اربع
22 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون