وفاقي حڪومت سائبر ڪرائيم کي ايف آءِ اي کان الڳ ڪري نئون ادارو ٺاهي ڇڏيو

- Advertisement -
وفاقي حڪومت سائبر ڪرائيم کي ايف آءِ اي کان الڳ ڪري نئون ادارو ٺاهي ڇڏيو. حڪومت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب، سائبر ڪرائيم جي روڪٿام لاءِ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جي نالي سان نئون ادارو ٺاهيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، وفاقي حڪومت اين سي سي آءِ اي جي ڊي جي مقرري ٻن سالن لاءِ ڪندي جنهن کي پوليس آرڊر 2002 تحت آءِ جي جا اختيار حاصل هوندا جڏهن ته هي ادارو گهرو وزارت جي ماتحت هوندو. نوٽيفڪيشن موجب سائبر ڪرائم سان لاڳاپيل سمورا ڪيس نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي کي موڪليا ويندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اين سي سي آءِ اي جون پنهنجون پوليس اسٽيشنون هونديون، آفيسرن کي سائبر ڪرائمز بابت خاص تربيت ڏني ويندي. نوٽيفڪيشن موجب اين سي سي آءِ اي سڄي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا ۽ ايپس سان لاڳاپيل سمورن معاملن کي ڏسندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
67%
1.3m/s
78%
اڱارو
16 °
اربع
24 °
خميس
23 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون