صدر آصف علي زرداري ٽيڪس قانون بابت ترميمي بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداريءَ ٽيڪس قانون بابت ترميمي بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر ٽيڪس قانونن ۾ ترميمي بل جي منظوري آرٽيڪل 75 تحت ڏني، بل جو مقصد ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز بابت قانونن ۾ ترميم آڻڻ آهي. ترميمي بل ذريعي سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990 جي سيڪشن 30 ڊي، 43، ڊي، 45 بي، 46 ۽ 47 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ترميمي بل جي مدد سان وفاقي ايڪسائيز ايڪٽ 2005 جي سيڪشن 29، 33، 34 ۽ 38 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ترميم بل ذريعي انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي سيڪشن 122 ايَ، 124، 126 ايَ ،130، 131، 132، 133 ۽ 134 ايَ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ٽيڪس قانون ۾ ترميم وارو بل 29 اپريل 2024ع تي پاس ٿيو، صدر بل جي منظوري وزيراعظم جي ايڊوائس تي ڏني.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
46%
1.6m/s
2%
اڱارو
18 °
اربع
25 °
خميس
24 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون