تازه ترين

وفاقي حڪومت پيٽرول مهانگو ۽ ڊيزل ۽ گاسليٽ سستو ڪري ڇڏيو

ناڻي واري وزارت طرفان پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 9 رپيا 66 پئسا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 289 رپيا 41 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

ڊيزل جي اهه ۾ 3 رپيا 32 پئسا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ نئين قيمت 282 رپيا 24 پئسا في لٽر ٿي وئي.

ان کان علاوه گاسليٽ 2 رپيا 27 پئسا في لٽر سستو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 186 رپيا 39 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ به 38 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ لائٽ ڊيزل هاڻي 167 رپيا 80 پئسا في لٽر ملندو.

پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
39 %
5.6kmh
67 %
ڇنڇر
19 °
آچر
17 °
سُومر
19 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون