وفاقي حڪومت 9 مئي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ سڀاڻي خصوصي تقريب ڪوٺائي ويندي.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ شرڪت ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته تقريب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ عسڪري قيادت جي شرڪت جو به امڪان آهي.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف تقريب ۾ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شهيد جي ياد ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ شهيدن جا گهرڀاتي به شرڪت ڪندا.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا جو خصوصي اجلاس به پارليامينٽ هائوس ۾ سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي فورم تان 9 مئي سانحي تي خصوصي پيغام ڏيندو.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ 9 مئي واقعي جي مذمت ۽ شهيد سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا اجلاس ۾ 9 مئي کي ڪارو ڏينهن قرار ڏنو ويندو، ڪابينا 9 مئي تي پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏيندي.