سنڌ جي  وڏي وزير مراد علي شاهه  جي صدارت ۾ شهيد بينظيرآباد ڊويزن جي چونڊيل نمائندن جو اجلاس

- Advertisement -
سنڌ جي  وڏي وزير مراد علي شاهه  جي صدارت ۾ شهيد بينظيرآباد ڊويزن جي چونڊيل نمائندن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، ناصر شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو، حاجي علي حسن زرداري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته چيئرمين بلاول ڀٽو چاهي ٿو ته پارٽي ڪارڪن ترقياتي پروگرام ۾ پنهنجا مشورا ڏين. سندس  چوڻ هو ته ڪارڪنن کي ٻڌڻ آيو آهيان جيڪي شهيد محترمه ۽ بلاول ڀٽو جا جيالا آهن. وڏي وزير  جو چوڻ هوته سنڌ جي ترقي ۾ مقامي سطح تي صلاح مشورا صوبي جي ترقي جا ضامن هوندا. هن چيو ته  پ پ حڪومت گذريل 4 دورن کان صوبي ۾ وڏي پيماني تي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جيڪي ترقياتي ڪم ٿي چڪا آهن انهن کي  عوام جي امانت سمجهي سنڀالڻو آهي. مراد علي شاهه  جو چوڻ هو ته سنڌ کي پڙهيو لکيو، ترقي يافتا ۽ پرامن بڻائڻ ۾ ڪارڪن پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سندس چوڻ هو ته سنڌ خوبصورت صوبو آهي، جنهن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻو آهي، اهي قومون ترقي ڪنديون آهن، جيڪي گڏجي اجتمائي ترقي لاءِ ڪم ڪنديون آهن. وڏي وزير اجلاس ۾ مقامي ڪارڪنن کي اسٽيج تي گهرائي سندن شڪايتون ٻڌيون………………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
21%
2.4m/s
0%
آچر
21 °
سُومر
30 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون