تازه ترين

وفاقي سرڪار طرفان اٽي ۽ ڪڻڪ جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ هنگامي مانيٽرنگ ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
وفاقي سرڪار اٽي ۽ ڪڻڪ جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ هنگامي مانيٽرنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي گهرو کاتي کنڊ جي سمگلنگ مانيٽرنگ جيان اٽي ۽ ڪڻڪ جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ هنگامي مانيٽرنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي صوبن کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته 14 اپريل 2023ع تي قائم ڪيل مانيٽرنگ ويب پورٽل کي هاڻي ڪڻڪ، اٽي ۽ ٻين ضروري شين تائين وڌايو پيو وڃي. خط جي متن موجب، گهرو کاتي چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي صوبائي خوراڪ کاتي کي ايف بي آر ۾ موجود پورٽل سان ڳنڍڻ جو حڪم ڏنو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته هنگامي طور رات جو لکيل خط ۾ 24 ڪلاڪن اندر عمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. مانيٽرنگ ويب پورٽل ۾ نيشنل فوڊ سڪيورٽي ريسرچ، ايف بي آر، ڊائريڪٽوريٽ آف ملٽري آپريشنز جي ايڇ ڪيو ۽ گهرو کاتو شامل آهن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
30 %
1.7kmh
0 %
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون