- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته وفاقي سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، صوبن سان گڏجي عوام جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ ون ٽو ون ملاقات ٿي.
ملاقات دوران ترقياتي رٿائن، بجلي، گئس ۽ ٻين مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي ٻوڏ متاثرن بابت وزيراعظم کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي اڏاوت ج وڪم جاري آهي.
وزيراعظم ۽ وڏي وزير وچ ۾ ملاقات دوران مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي.- Advertisement -
