وفاقي ڪابينا جو اڄ ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ ايس سي او اجلاس جي تيارين جو جائزو ورتو ويندو، اجلاس ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جي وزيرن ۽ اختيارين کي دعوت ڏني وئي آهي، شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس هلندڙ مهيني اسلام آباد ۾ ٿيندو.
اجلاس ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم جي دوري بابت تيارين جو به جائزو ورتو ويندو.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جو اڄوڪو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا ۽ برطانيا جي دوري کانپوءِ اڄ وطن واپس پهچي ويو آهي، شهباز شريف 3 ڏينهن اڳ آمريڪا کان واپسي کانپوءِ لنڊن ۾ ترسيو هو.