وفاقي ڪابينا طرفان غزه ۾ هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيلي بمباريءَ جي مذمت ڪندي فلسطين 1967ع کان اڳ واري حيثيت بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا ميمبرن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پي آءِ اي کي خانگاهڻ جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ معاشي ڏکياين جو شڪار آهي، قومي ادارن جو خسارو ڏکياين ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، عوام جي ٽيڪس مان ادارن جو خسارو پورو ڪرڻ ممڪن ناهي.
اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته وفاقي ڪابينا غزا ۾ هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيلي بمباريءَ جي مذمت ڪئي ۽ فلسطين جي 1967ع کان اڳ واري حيثيت بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
هن چيو ته ڪابينا نيب جو ڊپٽي چيئرمين مقرر ڪرڻ به منظوري ڏني.
ان موقعي تي نجڪاري واري وزير فواد حسن فواد چيو ته پي آءِ ايَ کي خانگائڻ وارو روڪڻ وارين ڳالهين ۾ ڪا به صداقت ناهي.
هن چيو ته پي آءِ ايَ کي خانگائڻ سان ڪنهن به ملازم کي بيروزگار نه ڪيو ويندو..