وفاقي ڪابينا عزم استحڪام آپريشن لاءِ 20 ارب رپين جي منظوري

- Advertisement -
وفاقي ڪابينا عزم استحڪام آپريشن لاءِ 20 ارب رپين جي منظوري ڏني آهي، ڪابينا دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث دهشتگردن جي جلد نشاندهي ڪري سندن خلاف ڀرپور ڪارروائي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال سميت 6 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو . وفاقي ڪابينا دهشتگردي جي تازن واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي دهشتگردي خلاف هر ممڪن طريقي سان وڙهڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وفاقي ڪابينا سڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ قربانين کي خراج پيش ڪيو. اجلاس دوران ڪابينا تازي دهشتگردي جي واقعن  بعد وڏو فيصلو ڪندي عزم استحڪام آپريشن لاءِ 20 ارب رپين جي منظوري ڏني، اقتصادي رابطا ڪميٽِيءَ مان به 20 ارب رپين جي منظوري ورتي آهي. ڪابينا کي پي ڊبليو ڊي اسٽاف ۽ پي ايس ڊي پي منصوبن جي منتقلي جي معاملن تي به بريفنگ ڏني ۽ ڪنوينشن جي بحاليءَ واري ايجنڊا جو به جائزو ورتو ويو . ڪابينا ريڪوڊڪ منصوبي جي سڪيورٽيءَ جي مد ۾ ايف سي بلوچستان لاءِ هڪ ارب 95 ڪروڙ پين جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا پنهنجا خرچ گهٽائڻ ۽ ڪفايت شعاري جو به فيصلو ڪيو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته  ملڪ اهو برداشت نه ڪري سگهندو ته آفيسر ۽ امير غريب عوام جي ٽيڪس تي عيش ڪن. هن چيو ته رت جي آخري ڦڙيَ تائين هو غريب عوام جي پائي پائي جي حفاظت ڪندو. وزيراعظم چيو ته وزير ان ڳالهه کي يقيني بڻائن ته لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن ۾ ڪفايت شعاري مهم جي قدمن تي عمل جاري آهي. ڪابينا اجلاس ۾ حڪومت جي رائٽ سائزنگ ڪميٽي جي پهرين مرحلي جون سفارشون پيش ڪيون ويون. 23 آگسٽ تي قانون سازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي فيصلن جي منظوري جڏهن ته اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 22 آگسٽ واري اجلاس جي فيصلن جي به منظوري ڏني وئي. رائيٽ سائزنگ ڪميٽي تازو ئي وزيراعظم شهباز شريف کي تجويزون پيش ڪيون هيون. ڪابينا رائيٽ سائزنگ ڪميٽي جي سفارش تي هڪ لک 50 هزار خالي جايون ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. آئوٽ سورسنگ جي نتيجي ۾ گريڊ 1 کان 16 تائين جون ڪيتريون ئي پوسٽون ختم ڪيون وينديون. وفاقي ڪابينا ڪانٽيجنسي پريس جي ڀرتين تي مڪمل پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزارت کي ٻين وفاقي وزارتن جي ڪيش بيلنس جي نگراني ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. وفاقي ڪابينا پاران ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت ۽ سرحدن واري وزارت کي ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪابينا پنجن وزارتن جا 28 ادارا مڪمل طور بند ڪرڻ جي منظوري  پڻ ڏني آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
light rain
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
50%
4.3m/s
12%
خميس
24 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون