- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ملڪ دشمنن سان ڪي ڳالهيون نه ٿينديون، دهشتگردي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، پاڪ فوج کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪيا ويندا، دهشتگرديءَ جو هر صورت ۾ خاتمو ڪري ئي ساهه پٽِيندا، آئين تي يقين رکندڙن لاءِ ڳالهين جا دروازا کليل آهن.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته ڪجهه مهينن کان دهشتگردي جي لهر ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن سبب 50 کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿيا، جن ۾ سڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان به شامل آهن.
هن چيو ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن بي گناهه پاڪستانين کي نشانو بڻايو، ڪو شڪ ناهي ته ٽي ٽي پي جا دهشتگرد افغان ڌرتي مان ڪارروايون ڪن ٿا، بلوچستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردين جي تازن واقعن جي هو مذمت ڪري ٿو.
وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي غلط فهمي آهي ته اهي پنهنجو داٻو ويهاريندا، سندن ڪريل ڪاررواين جو مقصد ملڪ جي ترقي روڪن آهي.
شهبازشريف چيو ته دشمن قوتون چين ۽ پاڪستان وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ چاهن ٿيون، سڪيورٽي فورسز جون قربانيون ضايع نه وينديون.
وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي تازن واقعن کي روڪڻ ضروري آهي، دهشتگردي خلاف اثرائتا آپريشن ڪيا ويا آهن.
شهبازشريف چيو ته ملڪ دشمنن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، دهشتگردن لاءِ ملڪ ۾ ڪا به جاءِ ناهي، دهشتگردي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.
وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪيا ويندا، دهشتگرديءَ جو هر صورت ۾ خاتمو ڪري ئي ساهه پٽِيندا.
شهبازشريف چيو ته صوبائي حڪومتن سان گڏجي دهشتگردي جهڙي لعنت کي ختم ڪيو ويندو، آئين تي يقين رکندڙن لاءِ ڳالهين جا دروازا کليل آهن.
وزيراعظم چيو ته اهو چوڻ ته ملڪ جي ڪنهن حصي جي ماڻهن کي بسن تان لاهي شهيد ڪيو ويو، ان بدران اهو چوڻ گهرجي ته دهشتگردن پاڪستانين کي شهيد ڪيو.
شهبازشريف چيو ته جلد هو بلوچستان جو دورو ڪري مڪمل جامع ڳالهيون ڪندو ۽ صورتحال جو جائزو وٺي فوري طور قدم کڻندو.- Advertisement -
