وفاقي ڪابينا پنجن آءِ پي پيز سان معاهدو ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
وفاقي ڪابينا پنجن آءِ پي پيز سان معاهدو ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پنجن آءِ پي پيز سان معاهدو ختم ڪيو پيو وڃي، مهانگائي سبب ماڻهو سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن،  ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي، تيزي سان ترقي جو سفر طئه ڪرڻو پوندو، غريب ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ جيڪو ٿي سگهيو حڪومت ڪندي. وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ٽاسڪ فورس جي سفارش تي پنجن آءِ پي پيز سان معاهدو ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. سندس چوڻ هو ته معاهدو ختم ڪرڻ سان بجلي واهپيدارن کي 60 ارب رپيا هر سال فائدو ٿيندو ۽ بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ گهڻي گهٽتائي ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پنجن آءِ پي پيز سان معاهدو ختم ڪرڻ سان ملڪي ناڻي کي 411 ارب رپين جي بچت ٿيندي ۽ آءِ پي پيز کي بقايا رقم تي وياج نه ڏنو ويندو. هن چيو ته پنجن آءِ پي پيز جي مالڪ هن قدم کي قبول ڪيو آهي، ٻين آءِ پي پيز معاهدن تي نظرثاني ڪري بجلي ٽيرف ۾ گهٽتائي ڪندا، هي برسات جو پهريون ڦڙو آهي، اڃا برسات پوندي جنهن سان سڄو خطو زرخير ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مهانگائي سبب ماڻهو سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن،  ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي، تيزي سان ترقي جو سفر طئه ڪرڻو پوندو، غريب ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ جيڪو ٿي سگهيو حڪومت ڪندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
34%
1.1m/s
20%
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون