تازه ترين

سينيئر سياستدان، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر الاهي بخش سومري جي ڪراچي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي

- Advertisement -
سينيئر سياستدان، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر الاهي بخش سومري جي ڪراچي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جڏهن ته تدفين جيڪب آباد ۾ ڪئي ويندي. سول لائن واري علائقي ۾ الاهي بخش سومري جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير ناصر شاهه، ايم پي اي شير محمد مغيري، سيد زين شاهه، غوث علي شاهه، محمد ميان سومري، همير سومري، لياقت جتوئي، حسين هارون، حليم عادل شيخ ۽ ذوالفقار سرڪي، سميت سياسي، سماجي اڳواڻن، وارثن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. الاهي بخش سومري کي اباڻي علائقي جيڪب آباد ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. اربع ڏينهن الاهي بخش سومري جو ڳچ عرصي بيمار رهڻ سبب ساهه جو سڳو ٽٽي پيو هو. الاهي بخش سومرو 15 مئي 1926ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو هو. الاهي بخش سومري اين ايِ ڊي يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئرنگ جي ڊگهري حاصل ڪئي، هو  ڪي ڊي ايَ جو ڊي جي پڻ رهي چڪو آهي. الاهي بخش سومرو قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ ڪيترائي ڀيرا وفاقي وزير پڻ رهيو، کيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو آهي. الاهي بخش سومري جو تعلق سياسي خاندان سان رهيو، سندس والد مولا بخش سومرو ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر  رهيو، سندس چاچو شهيد الهه بخش سومرو سنڌ جو وڏو وزير پڻ رهيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون