تازه ترين

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، چيني سفير سان ملاقات ڪئي

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، چيني سفير سان ملاقات ڪئي جنهن دوران چيني شهرين جي سڪيورٽي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، محسن نقوي جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي چين جي دوري سان دوستي جو رشتو وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، چيني صدر، وزيراعظم ۽ اعليٰ قيادت هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، چيني شهرين جي سڪيورٽي لاءِ ڀرپور اپاءَ ورتا ويا آهن.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيني سفارتخاني پهتو، جتي چيني سفير جيانگ زي ڊونگ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو آڌرڀاءُ ڪيو.

محسن نقوي، چيني سفير جيانگ زي ڊونگ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستاني وزيراعظم جي چين جي تازي دوري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته پاڪ چين لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ چيني شهرين جي سڪيورٽي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ چيني شهرين جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ سي پيڪ سميت ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرن ۽ عملي جي سيڪيورٽي پلان بابت به بريفنگ ڏني.

چيني سفير سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي تازي دوري چين سان دوستي جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، چين جي صدر، وزيراعظم ۽ اعليٰ قيادت هميشه پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي.

چيني سفير جيانگ زي ڊونگ چيو ته پاڪستان ۽ چين هر موسم جا دوست آهن ۽ پاڪستان سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏين ٿا.

ملاقات ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا ۽ چيني سفارتخاني جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
19 %
1.3kmh
0 %
خميس
16 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون