وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات

spot_img
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائش گاهه تي ملاقات ٿي آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ملڪ جي گڏيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي طرفان مولانا فضل الرحمان جي خيريت معلوم ڪئي وئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي 26هين آئيني ترميم جي منظوري ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ تي مولانا فضل الرحمان جا ٿورا مڃيا. محسن نقوي جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان هميشه پاڪستان جي مفادن کي اڳيان رکيو آهي. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته سندن ترجيح پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام آهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10 ° C
10 °
10 °
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون