وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو

spot_img
49هين ڪامن جي 34 پوليس آفيسرن جي ايف سي ۾ مقرريءَ جو مدو مڪمل ٿيڻ تي منعقد ڪيل الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته نوجوان پوليس آفيسر ملڪ ۽ قوم جو قيمتي اثاثو آهن. هن چيو ته پوليس آفيسرن جنهن جذبي، محنت ۽ پيشوراڻي مهارت سان ايف سي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، اهي ساراهه جوڳيون آهن. محسن نقوي  چيو ته نوجوان پوليس آفيسرن مان سموري ملڪ کي وڏيون اميدون آهن ۽ کين عوام جي اميدن ۽ خواهشن تي پورو لهڻو پوندو، هاڻي کين نيون ذميواريون نئين عزم، جذبي ۽ پيشوراڻي صلاحيتن سان نڀائڻيون آهن. وفاقي گهرو وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته مظلومن کي انصاف ۽ داد رسي فراهم ڪرڻ لاءِ آخري حد تائين وڃن ۽ ظالمن کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9 ° C
10.9 °
10.9 °
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون