- Advertisement -
وفاق ۾ مسلم ليگ ن سان گڏجي حڪومت ٺاهجي يا نه ٺاهجي، پيپلز پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس ٿي رهيو آهي.
پيپلز پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اجلاس جي صدارت گڏيل طور ڪندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ جي سي اي سي اجلاس ۾ عام چونڊن بعد صورتحال تي غور ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ عام چونڊن جي نتيجن سميت ٻين معاملن تي به غور ويچار ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران مسلم ليگ نون سان ٿيل شروعاتي ڳالهين بابت به غور ٿيندو.
ذريعن موجب، آزاد ميمبرن جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت سميت ٻين معاملن تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سي اي سي اجلاس ۾ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، فرحت الله بابر، شيري رحمان، مراد علي شاهه، ناصر شاهه، نثار کهڙو ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا.- Advertisement -
