تازه ترين

اسرائيلي اتر غزه ۽ خان يونس کانپوءِ رفح شهر ۾ به زميني آپريشن ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
اسرائيلي اتر غزه ۽ خان يونس کانپوءِ رفح شهر ۾ به زميني آپريشن ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، مختلف ملڪن پاران اسرائيلي فيصلي جي مذمت ڪئي وئي. نيتن ياهو جي فيصلي کانپوءِ اسرائيلي ڪابينا رفح تي زميني حملي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته هو رفح ۾ حماس جي رهجي ويل دهشتگردن کي ختم ڪندا، رفح ۾ آپريشن نه ڪرڻ جي صلاح ڏيندڙ کين جنگ هارائڻ جو چئي رهيا آهن. ٻئي پاسي برطانيا، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر ۽  لبنان اسرائيلي فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سعودي عرب جو چوڻ آهي ته رفح تي حملي جا سنگين نتيجا نڪري سگھن ٿا، غزه ۾ انساني تباهي جي جنگ جي حمايت ڪندڙ ملڪ سنگين نتيجن جا ذميوار هوندا. هوڏانهن حماس خبر دار ڪيو آهي ته اسرائيل جي رفح ۾ زميني آپريشن سان يرغمالين جي آزادي لاءِ هلندڙ ڳالهيون خطري ۾ پئجي سگھن ٿيون. ٻئي پاسي امريڪي صدر جوبائيڊن ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي. وائٽ هائوس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر بائيڊن نيتن ياهو سان غزه ۾ انساني امداد وڌائڻ ۽ رفح ۾ زميني آپريشن شروع ڪرڻ جي اسرائيلي منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وائٽ هائوس موجب، صدر بائيڊن چيو ته رفح ۾ 10 لک فلسطينين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ بنا آپريشن اڳتي نه وڌڻ گھرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
26 %
3.2kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون